رضيه سلطانه کوکر

رضيه سلطانه کوکر

رضيه سلطانه کوکر

رضيه سلطانه کوکر: ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس رضيه سلطانه کوکر، سکر ۾ مشهور اديب غلام علي کوکر جي گهر جنم ورتو. هن پي. اي. سي. ايڇ. ايس گرلس ڪاليج، ڪراچيءَ مان گريجوئيشن؛ ايس. ايم. لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس سنڌيءَ ۾ ڪئي. ان بعد پي. ايڇ. ڊي ’عورت ۽ سنڌي شاعريءَ‘ جي موضوع تي ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾ ڪيائين. هيءَ 11 نومبر 1986ع تي گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. هن وقت گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس ۽ اڪنامڪس ڪراچيءَ ۾ پرنسپال جي عهدي تي فائز آهي.
هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران ئي لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ سنڌ جي ان وقت جي مشهور رسالن مـهراڻ، نئيـن زنـدگي، اديــون ۽ هلال پاڪستان اخبار وغيره ۾ مختلف موضوعن تي ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيائين. ان ئي دور ۾ پي. ٽي. وي تي ڊراما به لکڻ شروع ڪيائين، جن جو تعداد 18 آهي. ڪهاڻين ۽ مضمونن سان گڏ هن شاعري به ڪئي. 1984ع ۾ سندس ڪهاڻين جو مجموعو ’اڏام‘ شايع ٿيو. ان کان سواءِ هن فرسٽ ايئر کان وٺي ڊگري ڪلاسن جي ڪورس سان لاڳاپيل ست ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپايا آهن، جن مان سنڌيءَ جا شاگرد اڃا تائين لاڀ پرائي رهيا آهن. هن مهل تائين سندس اٽڪل 300 کن مضمون ۽ ڪهاڻيون ۽ شاعريءَ جا اسم مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. رضيه جي لکڻين جو موضوع گهڻو ڪري عورتن جي جاڳرتا ۽ حقن متعلق هوندو آهي. ان کانسواءِ هن هر سماجي موضوع تي لکيو آهي. هن ڪالاباغ جي علائقي ۾ پورو مهينو رهي، ان تي تحقيق ڪري ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ ’ڪاوش‘ اخبار ۾ تحقيقي آرٽيڪل لکيو، جنهن کي تمام سٺي موٽ ملي. سماجي تنظيمن مان سنڌ گريجوئيشن ائسوسيئيشن جي خواتين شاخ جي باني ميمبرن مان آهي ۽ ان جي مختلف عهدن تي پڻ رهي چڪي آهي. رضيه سلطانه کوکر، آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ جي تاحيات ميمبر پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو